سنڌ ۾ پينشن پاليسي خلاف ايمپلائيز الائنس جَي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اسڪولن ۽ آفيسن جِي تالابندي، احتجاجي مظاهرا، ٺٽو، مٽياري، نوابشاهه، قمبر، مانجهند، گمبٽ، قاضي احمد، سجاول جوڻيجو، ڄام نواز علي ۾ احتجاج ڪيو ويو، هڱورجا، سيٺارجا، رستم، راڻيپور، راڌڻ، پنوعاقل، دڙو، نندو، مريد شاخ ۾ تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، مبارڪپور، محرابپور، خانپور، هالاڻي، گپچاڻي، غوثپور ۾ اسڪولز جِي تالابندي ڪري احتجاج ڪيو ويو، فيض گنج، ٽنڊو رحيم، سلطان پور ۽ بهرام ۾ استادن تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو، ملازم اڳواڻن جو چوڻ آهي ته نئين پينشن پاليسي جو نوٽيفڪيشن واپس ڪيو وڃي ۽ ڊسپيرٽي الائونس سميت ٻيا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن




