ڀارت طرفان پاڻي ڇوڙ ڪرڻ بعد ستلج درياءَ ۾ وهڪرن ۾ واڌ، هيڊ گنڊا سنگهه والا وٽ مٿانهين درجي جي ٻوڏ، هيڊ سليمانڪي وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ جي صورتحال، راوي درياءَ ۾ به جسڙ واري هنڌ وچولي درجي جي ٻوڏ آهي، ستلج درياءَ ۾ ٻوڏ سبب بهاولپور ضلعي ۾ تباهي، منچن آباد، بهاول نگر، چشتيان، احمد پور شرقيه ۾ ٻوڏ جو پاڻي تيزيءَ سان پکڙجڻ لڳو، هزارين ايڪڙن تي بيٺل وونئڻن ۽ ٻيو فصل ٻڏي ويو، گهر ۽ سرڪاري اسڪول به پاڻي هيٺ، ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي الرٽ جاري، بهاولپور مان 361 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو، تربيلا، ڪالاباغ ۽ سنڌو درياهه ۾ گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ رڪارڊ، سکر بئراج وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار، آبپاشي کاتي جي مانيٽرنگ ڪنٽرول روم موجب 24ڪلاڪن دوران گڊو بئراج ۾ پاڻيءَ جي سطح وڌڻ جو امڪان آهي


