سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ڄامشورو ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نينگري دم ڏئي ڇڏيو

گذريل ڏينهن شورا ڳوٺ ۾ ڦورن دلدار گاڏهي جي ڪٻاڙ جي دڪان تي ڪاهه ڪئي هئي

ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) ڄامشورو ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نينگري دم ڏئي ڇڏيو.

گذريل ڏينهن سنڌ يونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي ڀرسان شورا ڳوٺ واري علائقي ۾ ڦورن دلدار گاڏهي جي ڪٻاڙ جي دڪان تي ڪاهه ڪئي هئي.

ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ گهر ٻاهريان بيٺل 8 ورهين جي سدره ڌيءُ شاهنواز نوحاڻي سخت زخمي ٿي پئي هئي.

زخمي نينگري سدره نوحاڻي کي لمس اسپتال آڻڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو هو.

جتي زخمن جا سور نه سهندي نينگري دم ڏئي ڇڏيو، وارثن جوابدار گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ اڄ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Related posts

Leave the first comment