وڏي وزير مراد علي شاهه سان عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي وفد سان گڏ ملاقات، زرعي، سيلز آن سروسز ۽ پراپرٽي ٽيڪس وڌيڪ بهتر ڪرڻ تي اتفاق، ملاقات دوران صحت ۽ تعليم تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته حڪومت روينيو ۽ سروس ڊليوري مضبوط بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، سنڌ حڪومت غير ترقياتي بجيٽ تي ڪنٽرول ڪري پئي ۽ نئين ٽيڪس روينيو جي وياج جي شرح تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، سنڌ حڪومت پينشن سڌارا متعارف ڪرايا آهن، سنڌ حڪومت پنهنجي ادائيگين کي ڊجيٽائيز ڪري رهي آهي


