تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ جي عدالتن ۾ اڄ به تالابندي

سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي وڪيلن طرفان عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ جي عدالتن ۾ اڄ به تالابندي.

سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي وڪيلن طرفان عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيل آهي.

ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ مڪمل هڙتال، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپوخاص ۽ شهيد بينظيرآباد ۾ به وڪيل عدالتن ۾ پيش نه ٿيا.

ڪجهه ڏينهن پهرين سنڌ بار ڪائونسل ڪئنال رٿا جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين هڙتال جاري رکڻ جو اعلان ڪيو هو.

Related posts

Leave the first comment