وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ايراني هم منصب سڪندر مومني جو ٽيليفونڪ رابطو، ٻوڏ متاثرن جي مدد جي آڇ، ايراني گهرو وزير جو چوڻ آهي ته پاڪستان سندن برادر پاڙيسري ملڪ آهي، آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ هر طرح جي مدد لاءِ آهن، بحرين جي گهرو وزير ليفٽيننٽ جنرل راشد بن عبدالله ۽ وفاقي وزير محسن نقوي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو، بحرين جي گهرو وزير، محسن نقوي کي هر ممڪن سهڪار جي آڇ ڪئي


