سنڌ جَي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٻوڏ متاثرن جِي امداد ۽ بحالي لاءِ پيپلزپارٽي جَي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو آهي

سنڌ جَي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٻوڏ متاثرن جِي امداد ۽ بحالي لاءِ پيپلزپارٽي جَي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن ٻوڏ متاثرن لاءِ اميد جي روشني آهي، بلاول ڀٽو زرداري عوام جي ڏک ۽ سور کي پنهنجو سمجهي ٿو، پيپلز پارٽي ٻوڏ متاثرن جي مڪمل بحاليءَ تائين آرام سان نه ويهندي، پنهنجي هڪ بيان ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پ پ پ چيئرمين جو ٻوڏ متاثرن بابت ڪيل ٽوئيٽ عوام دوستيءَ جو روشن مثال آهي، بلاول ڀٽو زرداري سدائين ڏکئي وقت ۾ عوام سان گڏ بيٺل رهيو آهي، اڄ به سندس ترجيحن ۾ سڀ کان اڳتي غريب، هاري ۽ ٻوڏ متاثر ڪٽنب آهن

Related posts

Leave the first comment