پاڪستان ۽ چين جي دوستي گڏيل احترام ۽ سهڪار جو مثال آهي، صدر شِي جِن پنگ جي اڳواڻيءَ ۾ چين دنيا کي ترقيءَ جو رستو ڏيکاريو

پاڪستان ۽ چين جي دوستي گڏيل احترام ۽ سهڪار جو مثال آهي، صدر شِي جِن پنگ جي اڳواڻيءَ ۾ چين دنيا کي ترقيءَ جو رستو ڏيکاريو، چين جي ترقيءَ واري ويزن جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، پاڪستان چين سان گڏجي اڳتي وڌڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي: صدر آصف علي زرداري جو چين جَي شهر چينگڊو ۾ ٻئي گولڊن پانڊا انٽرنيشنل ڪلچر فورم کي خطاب، صدر آصف علي زرداري ايوارڊ کٽيندڙن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته ثقافت، امن ۽خوشحالي گڏيل مستقبل لاءِ هڪ اهم پل آهي، ان کان اڳ صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ چين جي پبلسٽي کاتي جَي وزير لي شولي ۾ ملاقات ٿي، ملاقات ۾ ٻه طرفي سهڪار کي سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي شعبن ۾ وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، صدر مملڪت آصف علي زرداري سچوان صوبي ۾ مهمان نوازيءَ تي چيني وزير لي شولي جا ٿورا مڃيا، چيني وزير مسٽر لي شولي جو چوڻ هو ته دنيا کي اڄ بارود جي بوءِ جي نه، ڪتابن جي خوشبوءِ جي ضرورت آهي ، پاڪستان ۽ چين سدائين ڀائرن جيان رهندا، مستقبل ۾ پاڪستان ۽ چين جِي دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي

Related posts

Leave the first comment