– ۽ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ميچ ۾ ريفري ڪير ٿيندو؟ فيصلو نه ٿي سگهيو، پي سي بي جو چوڻ آهي ته ميچ ريفري اينڊي پائي ڪرافٽ کي هٽايو نه ويو ته ايشيا ڪپ ٽورنامينٽ جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو، ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ سي سي ميچ ريفري کي هٽائڻ واري پاڪستان جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، گذريل ڏينهن پي سي بي آءِ سي سي کي خط لکي پاڪ ڀارت ميچ دوران اڻ ڍنگو ورتاءُ ڪرڻ تي ميچ ريفري کي هٽائڻ جي درخواست ڪئي هئي


