سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ڪراچي: گلشن حديد ڀرسان مسافر ڪوچ ڪلٽي، عورت سميت 4 ڄڻا فوت، 15 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻي کان ڪراچي ايندڙ ڪوچ سان سمندري اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو

ملير (ويب ڊيسڪ) ملير جي علائقي گلشن حديد ڀرسان مسافر ڪوچ ڪلٽي، عورت سميت 4 ڄڻا فوت، 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

لاڙڪاڻي کان ڪراچي ايندڙ ڪوچ سان سمندري اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، ڪوچ هيٺان دٻيل ماڻهن کي ڪرين ذريعي ٻاهر ڪڍيو ويو.

فوتين ۾ ڪوثر، غلام فريد، عبدالغفور ۽ غلام سرور شامل، واقعي بعد فوتين ۽ زخمين جا لاش اسپتال منتقل.

Related posts

Leave the first comment