سنڌ سرڪار جو ٻڏي ويل ڪچي جي ڏوهارين خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جو فيصلو، ڪچي جي علائقن ۾ ترقياتي منصوبن جي تياري جي هدايت

– سنڌ سرڪار جو ٻڏي ويل ڪچي جي ڏوهارين خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جو فيصلو، ڪچي جي علائقن ۾ ترقياتي منصوبن جي تياري جي هدايت، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪچي جي علائقن ۾ آپريشن بابت اجلاس، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ڪچو ٻڏي ويو آهي، ڏوهاري هاڻي ٻاهر نڪرندا، ڏوهارين خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن وڌيڪ تيز ڪيا وڃن، ڪچي جي علائقن ۾ ترقياتي منصوبن جي تياري ڪئي وڃي، ڪچي ۾ روڊ، اسڪول، اسپتالون، ڊسپينسريون ۽ ٽرانسپورٽ جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ٻوڏ جي صورتحال کان پوءِ ڪچي ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪيا ويندا، سنڌ حڪومت جي ترجيح آهي ته امن امان هر صورت بحال ٿئي، اجلاس ۾ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته آڪٽوبر 2024ع کان ٽيڪنالاجي ذريعي ڪچي ۾ آپريشن تيز ڪيو ويو، انٽيليجنس بنياد تي 760 ٽارگيٽيڊ آپريشن ۽ 352 سرچ آپريشن ڪيا ويا، جنهن ۾ 159 ڏوهاري ماريا ۽ 823 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

Related posts

Leave the first comment