– رياست هر سال ٻوڏ سبب قيمتي جاني ۽ مالي نقصان برداشت نٿي ڪري سگهي، انفراسٽرڪچر جِي بحالي جو ڪم تيز ڪندي عوام کي بار بار ايندڙ ٻوڏ جَي تباهي کان بچائڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻ گهرجن: آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جِي قصور سيڪٽر ۽ جلال پور پير والا ۾ قائم رليف ڪئمپ جَي دوري دوران ٻوڏ متاثرن سان ڳالهه ٻولهه، سول ۽ فوجي ادارن ۾ تعاون جي اهميت تي زور، آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير قصور، ملتان ۽ جلال پور پير والا جَي ٻوڏ متاثرن علائقن جو دورو ڪري ٻوڏ جِي موجودا صورتحال ۽ امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو، فيلڊ مارشل کي ريسڪيو ۽ رليف آپريشنز بابت بريفنگ ڏني وئي


