وزيراعظم شهباز شريف جون چين جي 76هين قومي ڏهاڙي تي چيني قيادت ۽ عوام کي واڌايون، سندس چوڻ آهي ته چين جي ترقي ۽ خوشحالي دنيا لاءِ روشن مثال آهي، صدر شِي جِن پنگ جي قيادت ۾ چين ترقي ۽ خوشحاليءَ جون منزلون طئه ڪيون، پاڪ-چين اقتصادي راهداري اسان جو چين سان اهم گڏيل معاشي منصوبو آهي، سي پيڪ هاڻي پنهنجي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي


