آءِ ايم ايف سان 7 ارب ڊالرز قرض پروگرام جي اقتصادي جائزي بابت ڳالهين جو اڄ ستون ڏينهن، ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي وفد سان اڄ صوبائي حڪومتن جون ملاقاتون رٿيل آهن، چئني صوبن جي اختيارين جون آءِ ايم ايف مشن سان ڌار ڌار ملاقاتون ٿينديون، صوبن طرفان آءِ ايم ايف مشن کي زرعي انڪم ٽيڪس تي بريفنگ ڏني ويندي، زرعي انڪم ٽيڪس اوڳاڙيءَ جي طريقيڪار بابت به آءِ ايم ايف مشن کي آگاهه ڪيو ويندو، آءِ ايم ايف مشن صوبن کان اڪائونٽس سرپلس نه ٿيڻ جا سبب به پڇندو


