سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

غزا تي اسرائيل جا حملا جاري، 24 ڪلاڪن ۾ 72 فلسطيني شهيد

المواسي ڪئمپ تي اسرائيلي فوج جي حملي ۾ ڊاڪٽر سميت 2 ڄڻا شهيد ٿي ويا

غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) غزا تي اسرائيل جا حملا جاري، 24 ڪلاڪن ۾ 72 فلسطيني شهيد، المواسي ڪئمپ تي اسرائيلي فوج جي حملي ۾ ڊاڪٽر سميت 2 ڄڻا شهيد ٿي ويا.

غزا جي سرڪاري ميڊيا آفيس موجب هڪ مهيني ۾ امداد وٺڻ دوران 549 فلسطيني شهيد ۽ 4 هزار زخمي ٿي پيا.

يورپي يونين جي اجلاس ۾ اسرائيل کان فوري جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو ويو.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته غزا ۾ صورتحال تمام گهڻي خراب آهي، ايندڙ هفتي جنگ بندي ٿي ويندي.

Related posts

Leave the first comment