آڊيو ليڪس ڪيس: علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) آڊيو ليڪس ڪيس ۾ ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ آڊيو ليڪ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کان سواءِ ڪيس ۾ شريڪ جوابدار اسد فاروق عدالت ۾ پيش ٿي حاضري لڳائي.

عدالت پيش نه ٿيڻ تي علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار رکندي ڪيس جي ٻڌڻي 6 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Related posts

Leave the first comment