پينشن پاليسي ۾ تبديلي ۽ ڊي آر اي نه ڏيڻ خلاف سنڌ ۾ مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسن ۾ تالابندي، ملازمن جا مظاهرا

پينشن پاليسي ۾ تبديلي ۽ ڊي آر اي نه ڏيڻ خلاف سنڌ ۾ مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسن ۾ تالابندي، ملازمن جا مظاهرا، سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ تي تعليم، صحت، روينيو ۽ ٻين کاتن جي ملازمن جو احتجاج، ڄامشورو ۾ سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ ۽ لمس يونيورسٽي ۾ استادن پاران ڪلاسن جو بائيڪاٽ، قمبر، خيرپور، گمبٽ، ڪنڌڪوٽ، ميرواهه گورچاڻي ۾ استادن اسڪولن کي احتجاج طور تالا هڻي ڇڏيا، خيرپور ۾ لطيف يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي ذوالفقار علي ڀٽو ڪئمپس، زرعي يونيورسٽي ۽ ٻين ادارن ۾ آفيسن جي تالابندي ڪئي ويئي، سيوهڻ، ٺارو شاهه، راڌڻ، قاضي احمد، جهڏو ۽ ٺل ۾ سرڪاري ملازمن احتجاجي مظاهرا ڪيا، سنڌ ايمپلائيز الائينس جو چوڻ آهي ته پينشن پاليسي ۾ تبديلي وارو فيصلو واپس وٺي ملازمن کي ڊي آر اي ڏني وڃي

Related posts

Leave the first comment