سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪانٽريڪٽي هيڊ ماسترن کي ريگيولر ڪرڻ جا ڪيس سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي اماڻڻ جو حڪم، ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل هيڊ ماسترن کي ريگيولر نه ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي، ٽن مهينن اندر ريگيولر ڪرڻ جي جائزي لاءِ درخواستگذارن جا ڪيس موڪلڻ جو حڪم ڏنو، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ايس پي ايس سي کي قابليت ۽ ڀرتي جي ضابطن مطابق ڪيسن جو جائزو وٺڻ گهرجي، حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته گريڊ 17 جي هيڊ ماسترن جي ڀرتي ڪانٽريڪٽ تي ٿي آهي، ايس پي ايس سي جي موجودگي ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي سمجھه کان ٻاهر آهي


