Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

سوات ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 4 خارجي دهشتگرد مارجي ويا

سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خارجين جي موجودگيءَ جي اطلاع تي گڏيل آپريشن ڪيو

پشاور (نيشنل ڊيسڪ) خيبرپختو خوا جي ضلعي سوات ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل آپريشن ۾ 4 خارجي دهشتگرد مارجي ويا.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خارجين جي موجودگيءَ جي اطلاع تي سوات ضلعي ۾ انٽيليجنس بنياد تي گڏيل آپريشن ڪيو.

سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي خارجين جي ٿاڪن تي اثرائتي ڪارروائيءَ جي نتيجي ۾ 4 خارجي دهشتگرد مارجي ويا.

مارجي ويندڙ خارجين جي قبضي مان هٿيار ۽ بارود به هٿ ڪيو ويو، مارجي ويندڙ خارجي علائقي ۾ دهشتگرديءَ جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا.

آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ ملندڙ ڪنهن به امڪاني خارجي دهشتگرد جي خاتمي جي لاءِ ڪليئرنس آپريشن به ڪيو ويو.

جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي سيڪيورٽي فورس ملڪ مان دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

Related posts

Leave the first comment