سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

پنجاب حڪومت جو ارسا کي خط، سنڌ کي وڌيڪ پاڻي ڏيڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو

سنڌ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي زيان پئي ڪري، پنجاب کي تونسا، پنجند  ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنال کولڻ نه ٿو ڏنو وڃي: خط جو متن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت ارسا کي خط لکي چيو آهي ته سنڌ کي اضافي پاڻي ڏنو پيو وڃي، جنهن سبب پنجاب جي هارين ۾ خدشا پيدا ٿي رهيا آهن.

سنڌ ڪوٽڙي جي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي زيان ڪري رهي آهي، پنجاب کي تونسا پنجند  ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنال کولڻ نه ٿو ڏنو وڃي.

پنجاب حڪومت پاران ارسا کي لکيل خط ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ هن وقت 190 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي.

Related posts

Leave the first comment