وزيراعظم شهباز شريف پاران غزا ۾ جنگبندي لاءِ آمريڪي صدر جَي امن منصوبي تي حماس جَي مثبت رد عمل جِي آجيان، شهباز شريف چيو آهي ته حماس جي بيان سان جنگبندي جي نئين راهه هموار ٿي، صدر ٽرمپ ۽ برادر ملڪن جا ٿورائتا آهيون، وزيراعظم فلسطين مسئلي جَي حل لاءِ قطر، سعودي عرب، يو اي اِي، ترڪيه، اُردن، مصر ۽ انڊونيشيا جَي ڪردار جِي ساراهه ڪندي چيو ته پاڪستان هميشه فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل رهيو آهي، پاڪستان سمورن برادر ملڪن سان گڏجي امن لاءِ ڪم ڪندو


