شڪارپور ۾ هنيانءُ ڏاريندڙ حادثو، نيو فوجداري ٿاڻي جِي حد، ڪندن باءِ پاس چورنگي وٽ مزدا ڊرائيور جَي ڪنٽرول مان نِڪري بجلي پول سان ٽڪرائجڻ بعد روڊ جَي ٻئي پاسي سُتل باگڙي برادري جي ڪٽنب مٿان چڙهي وئي، هڪ ئي ڪٽنب جَي 6 ڀاتين سميت 8 ڄڻا چيڀاٽجي فوت، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته تيز رفتاري سبب حادثو پيش آيو، تيز رفتار مزدا بجلي جَي پول سان ٽڪرائجڻ بعد سامھون واري روڊ جَي ڪناري تي جھوپڙين ۾ سُتل باگڙي برادري جَي ماڻهن مٿان چڙهي وئي، فوتين جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل، وڏي وزير مراد علي شاهه پاران حادثي سبب 8 ڄڻن جَي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار، زخمين کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جِي هدايت، مزدا جَي ڊرائيور ۽ مالڪ خلاف قانوني ڪارروائي جو حڪم


