آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ حماس طرفان غزا ۾ جنگ ختم ڪرڻ واري منصوبي جي ڪجهه شرطن تي اتفاق ڪرڻ تي قطر، سعودي عرب، ترڪيه، مصر، اُردن ۽ ٻين ملڪن جا ٿورا مڃي ورتا، چوي ٿو، سڀ جنگ جَي خاتمي ۽ وچ اوڀر ۾ امن لاءِ متحد هئا، سڀني سان انصاف ڪيو ويندو، حماس دائمي امن لاءِ تيار آهي، اسرائيل بنا دير حملا روڪي ته جيئن يرغمالين جِي محفوظ ۽ جلد آزادي ممڪن بڻائي سگهجي، اسرائيل جو چوڻ آهي ته حماس جَي رد عمل بعد ٽرمپ جَي امن منصوبي جَي پهرين مرحلي تي فوري عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، آمريڪي ميڊيا جِي دعويٰ آهي ته اسرائيل پنهنجي ڪاررواين کي دفاعي قدمن ۾ تبديل ڪندو ۽ غزا شهر تي قبضي وارو آپريشن روڪيو ويندو




