جناح اسپتال ڪراچي ۾ منڪي پاڪس جو شڪي ڪيس ظاهر

ڪراچي ۾ پهريون منڪي پاڪس جو شڪي ڪيس ظاهر، جزا وٺي ليبارٽري موڪليا ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جناح اسپتال ڪراچي ۾ منڪي پاڪس جو شڪي ڪيس ظاهر.

جناح اسپتال انتظاميا موجب شاهه لطيف ٽائون واسي مريض کي بخار ۽ جسم تي داغن جا نشان آهن.

مريض جا نمونا وٺي چڪاس لاءِ خانگي اسپتال اماڻيا ويا آهن، ٽيسٽ جو نتيجو اچڻ تائين مريض کي آئسوليشن وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

Related posts

Leave the first comment