وزيراعظم شهباز شريف جِي جاتي امراءِ ۾ مسلم ليگ (ن) جَي سربراهه نواز شريف سان ملاقات، وزيراعلي پنجاب مريم نواز به ملاقات ۾ شريڪ، وزيراعظم هائوس جِي پڌرائي موجب، وزيراعظم شهباز شريف پارٽي صدر کي تازو ڪيل پرڏيهي دورن بابت آگاهه ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف، نواز ليگ صدر کي آزاد ڪشمير جَي تازي صورتحال ۽ ڪامياب ڳالهين بابت به بريفنگ ڏني، وزيراعظم سڀاڻي ٻِن ڏينهن جَي دوري تي ملائيشيا روانو ٿيندو، ملائيشيا جَي وزيراعظم مسلم ليگ ن جَي صدر نواز شريف کي به دوري جِي دعوت ڏني هئي




