سنڌ جَي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عوامي مسئلا حل ڪرڻ سنڌ حڪومت جِي پهرين ترجيح آهي، ٽرانسپورٽ کاتو مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، عورتن کي مفت اليڪٽرڪ اسڪوٽيز ڏنيون وينديون، ڪجهه هفتن کانپوءِ ڊبل ڊيڪر بسون به ڪراچي پهچي وينديون، سنڌ ۾ اليڪٽرڪ بسون ٺاهڻ جا پلانٽس لڳندا: ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڄام صادق پل جو مرمتي ڪم آخري مرحلي ۾ آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته هڪ هفتي ۾ ڄام صادق پل کي مڪمل ڪيو وڃي


