خانپور ويجهو پوليس پڪٽ تي هٿياربندن جو حملو، فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي، هڪ اغوا، هٿياربندن فيضو ٿاڻي جي حد پارڪو ڀرسان پڪٽ تي ڪاهه ڪري فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب زاهد شاهه ۽ اڪرم زخمي ٿي پيا، ڏوهاري پوليس اهلڪار واجد جوڻيجو کي اغوا ڪري ويا،زخمي شڪارپور اسپتال منتقل، پوليس جو چوڻ آهي ته شڪارپور کان پوليس جي نفري طلب ڪئي، ڏوهارين جي ڳولا جاري آهي


