پاڪ فوج ڪنٽرول لائين تي وڌيڪ ڀارتي فوجي پوسٽون تباهه ڪري ڇڏيون

پاڪ فوج جوابي ڪارروائي ۾ بٽل سيڪٽر ۾ دشمن جي ڌرمسل نمبر هڪ ۽ 2 پوسٽون تباهه ڪري ڇڏيو

راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) پاڪ فوج ڪنٽرول لائين تي وڌيڪ ڀارتي فوجي پوسٽون تباهه ڪري ڇڏيون.

سڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ بٽل سيڪٽر ۾ دشمن جي ڌرمسل نمبر هڪ ۽ 2 پوسٽون تباهه ٿي ويون.

ايل او سي تي نيزه پير سيڪٽر سامهون ڀارتي فوج جي شاهپور 3 پوسٽ به تباهه، گفدار، ڊنا ۽ پانڊو سيڪٽر ۾ چيڪ پوسٽ جنگل ون کي به پاڪ فوج اڏائي ڇڏيو.

پاڪ فوج جورا سيڪٽر ۾ پوسٽ ۽ برنالا سيڪٽر ۾ ڀارتي ڊرون ڪيرائي ڇڏيو، ڪوٽ ڪٺيرا سيڪٽر ڪوٽلي ۾ دشمن جي سرليا ون پوسٽ کي نشانو بڻائي پٽ ڪيو ويو.

Related posts

Leave the first comment