ڀارت جا رات جي اونداهيءَ ۾ پاڪستان جي 5 هنڌن تي ميزائل حملا، ٻارڙن ۽ عورت سميت 26 شهري شهيد

ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب، ڀارت جي برگيڊ هيڊڪوارٽر سميت 3 رافيل جهاز، هڪ سخوئي ۽ هڪ مگ جهاز تباهه ڪيو ويو

راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) ڀارت جا رات جي اونداهيءَ ۾ پاڪستان تي ميزائل حملا، ڇهن مختلف هنڌن تي 24 حملا ميزائل فائر ڪيا ويا.

ڀارتي ميزائل حملن ۾ 26 شهري شهيد ٿي ويا، 46 ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ 2 ماڻهو گم ٿي ويا آهن.

پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ڀارت بهاولپور، ڪوٽلي، مظفرآباد، احمدپور شرقيا ۽ مريدڪي تي ميزائل حملا ڪيا.

ڀارتي حملن ۾ ٽن ورهين جي معصوم ٻارڙي ۽ عورت سميت 13 معصوم شهري شهيد ٿي ويا.

ڀارت پاڪستان تي بزدلاڻو حملو و ڪرايو جنهن دوران ملڪ جي مختلف مسجدن ۽ عبادتگاهن کي نشانو بڻايو ويو.

پاڪستان پاران اثرائتي ڪارروائي ۾ ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو، جنهن دوران ڀارت جا برگيڊ هيڊڪوارٽر سميت 3 رافيل جهاز، هڪ سخوئي ۽ هڪ مگ جهاز شامل آهن.

هن وقت تائين ٻنهي ملڪن طرفان هڪ ٻئي جي سرحدي پوسٽن تي حملا جاري آهن، پاڪستان بٽل سيڪٽر ۾ ڀارت جون پوسٽون تباهه ڪيون.

Related posts

Leave the first comment