سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ واسي سراپا احتجاج بڻيل، مختلف شهرن ۾ احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا ڪيا ويا.

گولاڙچي ۾ سنڌي هاري تحريڪ جو پيادل مارچ ڪيو ويو، مارچ ۾ وڏي انگ ۾ آبادگار ۽ هاري شريڪ ٿيا، ڪنڌڪوٽ ۽ سيهڙ ۾ به احتجاج ڪيو ويو.

 اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي ماڻهن جو جياپي جو وسيلو آهي، درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو سنڌ دشمن منصوبو بنا دير واپس ورتو وڃي.

Related posts

Leave the first comment