سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

سپريم ڪورٽ آئيني بينچ ۾ فوجي ڪورٽن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ فوجي ڪورٽن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي.

پي ٽي آءِ باني جي وڪيل عزيز ڀنڊاري عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته سويلينز جي حد تائين ڪرمنل قلمن تي ٽرائل عام عدالت ئي ڪري سگهي ٿي.

آرڊيننس ۾ گهڻا قلم آرمڊ فورسز جي حوالي سان هئا، سوال اهو آهي ته آرمي ايڪٽ پاڻ سبجيڪٽ ڪري سگهي ٿو يا نه؟

جيڪڏهن ڪري سگهي ٿو ته ڪهڙي قانون تحت ڪري سگهجي ٿو، اهو لاڳاپيل آهي يا نه؟

جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته ٽو ون ڊِي ۾ سويليز جو تعلق ڪيئن جوڙيو ويو.

وڪيل عزيز ڀنڊاري جواب ڏنو ته ٽو ون ڊي جي حوالي سان ايف بي علي ڪيس ۾ ڪجهه ناهي چيو ويو، ٽرائل قلمن تي نه، اسٽيٽس تي هوندو.

جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته محرم علي ڪيس ۽ راولپنڊي بار ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم هئا.

Related posts

Leave the first comment