ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، گم ٿيل 3 ڄڻا گهر واپس پهچي ويا.
پوليس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، پوليس رپورٽ موجب عبدالواحد 2023 کان مسلم آباد ملير کان گم هو.
عباد علي ۽ نياز علي جون 2024 کان اورنگي ٽائون مان گم هئا، عدالت ٽنهي شهرين جي بازيابي بابت درخواستون اڪلائي ڇڏيون.
سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران پوليس کي ٻين گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ قدم کڻڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو.


