سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

آءِ ايم ايف ٽيڪنيڪل وفد موسمياتي فئنانسنگ تي ڳالهين لاءِ پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) آءِ ايم ايف جو ٽيڪنيڪل وفد موسمياتي فئنانسنگ تي ڳالهين لاءِ پاڪستان پهچي ويو، آءِ ايم ايف وفد وفاق ۽ صوبائي عملدارن سان ملاقاتون ڪندو.

ذريعن موجب،وفاقي ۽ صوبائي اختياريون آءِ ايم ايف جي چار رڪني وفد سان ڳالهيون ڪنديون.

ڳالهين جي ايجنڊا ۾ گرين بجيٽنگ، ٽيگنگ، ٽريڪنگ ۽ موسمياتي خرچن جي رپورٽنگ شامل.

ايندڙ مالي سال 2025-26 جي بجيٽ ۾ ڪاربن ليوي لاڳو ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي.

Related posts

Leave the first comment