وفاقي ۽ سنڌ حڪومت ۾ حيدرآباد – سکر ايم-6 موٽر وي رٿا جي اڏاوت جلد شروع ڪرڻ تي اتفاق، وڏي وزير مراد علي شاهه سان مواصلات واري وفاقي وزير عليم خان جي وفد سان گڏ ملاقات، گڏجاڻي ۾ طئه ڪيو ويو ته ايم سڪس رٿا تي ڪم جلد شروع ڪيو ويندو، وڏي وزير چيو ته حيدرآباد – سکر ايم-6 موٽر وي رٿا کي ڊگهي عرصي کان نظرانداز ڪيو ويو آهي، هاڻي وفاقي حڪومت ايم-6 جي اڏاوت جي منظوري ڏني آهي، وفاقي وزير عليم خان چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي حيدرآباد- سکر موٽر وي جي اڏاوت ڪندي، رٿا کي 4 سيڪشنز ۾ ورهايو ويو آهي، رٿا تي 363 ارب رپيا جا لاڳت ايندي، ڪراچي کان حيدرآباد نئين موٽر وي جي سروي جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي


