سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ڀارت ڳچ عرصي کان سنڌ طاس معاهدو ختم ڪرڻ چاهي پيو: خواجه سعد رفيق

ڀارت، معاهدو ختم ڪرڻ بابت هڪ طرفو فيصلو نٿو ڪري سگهي: ن ليگ سينيئر اڳواڻ

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ڀارت ڳچ عرصي کان سنڌ طاس معاهدو ختم ڪرڻ چاهي پيو.

ڀارت، معاهدو ختم ڪرڻ بابت هڪ طرفو فيصلو نٿو ڪري سگهي، ڀارت سنڌ طاس معاهدي سان هٿ چراند ڪري ڇڪتاڻ کي هٿي ڏني آهي.

ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ خواجا سعد رفيق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دهشتگرديءَ جو هر واقعو مذمت جوڳو آهي.

هن چيو ته ڀارت جعفر ايڪسپريس تي حملي جي مذمت به نه ڪئي، ڀارت بنا ثبوتن جي هر الزام پاڪستان تي هڻندو آهي.

Related posts

Leave the first comment