پاڪ فوج سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ 31 اسرائيل ميڊ جديد هيروپ ڊرونز تباهه ڪري ڇڏيا

رات دير تائين پاڪستاني فورسز پاران ڀارتي ڊرونز ڪيرائڻ جو سلسلو جاري رهيو

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ڀارتي اڳرائي جو هڪ ڀيرو ٻيهر منهن ٽوڙ جواب، پاڪ فوج سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ 31 اسرائيل جا ٺهيل جديد هيروپ ڊرونز تباهه ڪري ڇڏيا.

ڪراچيءَ جي علائقي ملير شرافي ڳوٺ ۽ گلشن حديد ۾ پاڪستاني فورسز جي جوانن پاران 2 ڊرونز ڪيرايا ويا، ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.

ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ سرفراز لغاريءَ ۾ ڊرون تباهه ٿيڻ کان پوءِ ڍانچو ڪرڻ سبب مختيار لغاري شهيد ٿي ويو، سندس والد عيدن زخمي.

لاهور جي والٽن روڊ تي 2 ۽ هڪ ڊرون ڊفينس ۾ ڪيرايو ويو، راولپنڊي ۾ به 2 جاسوس ڊرونز تباهه ڪيا ويا.

پاڪ فوج گجرانوالا ۾ 2، اٽڪ، چولستان، چڪوال ۽ شيخوپوره ۾ به هڪ هڪ ڊرون کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.

Related posts

Leave the first comment