سنڌو درياهه ۾ گڊو ۽ سکر بئراج وٽ پاڻي جَي وهڪرن ۾ لاٿ جو سلسلو جاري، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جَي وهڪري ۾ واڌ، گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 2 لک 60 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 31 هزار ڪيوسڪ ٿي ويو، سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 2 لک 61 هزار ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 6 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 3 لک 64 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 39 هزار ڪيوسڪ ٿي ويو


