مون سون جي وڌيڪ ٻن کان ٽن اسپيلز جو امڪان، ستون اسپيل 22 آگسٽ تائين جاري رهندو، حڪومت پاران امڪاني برساتن ۽ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ جون تياريون جاري، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديليءَ سبب گليشيئرز تيزي سان ڳري رهيا آهن، جبلن کان ايندڙ پاڻي آبادين لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو آهي، ڪي پي، جي بي، آزاد ڪشمير، راولپنڊي ۽ اسلام آباد جا علائقا متاثر ٿي رهيا آهن، سيپٽمبر جي آخر تائين صورتحال معمول تي اچي ويندي، وفاقي عطا تارڙ چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي اين ڊي ايم اي صوبائي حڪومتن سان رابطي ۾ آهي، وفاقي مصدق ملڪ جو چوڻ آهي ته متاثرن جي نقصانن جي ازالي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي، بنيادي ڍانچي جي بحاليءَ لاءِ بنا فرق جي صوبن سان گڏجي ڪم ڪيو پيو وڃي


