لاڙڪاڻي اسپتال کي جديد طرز تي ٻيهر ٺاهڻ جو فيصلو، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس، لاڙڪاڻي ۾ 16 ايڪڙن تي قائم اسپتال کي جديد طرز تي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو، اسپتال ۾ 2 نوان ٽاور ٺاهيا ويندا، بسترن جي گنجائش 600 تائين وڌائي ويندي، اجلاس ۾ بريفنگ، وڏي وزير پاران چيف سيڪريٽري کي تجربيڪار ڪنلسٽنٽ ڀرتي ڪرڻ جي هدايت، مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته شهر جي مرڪز ۾ پراڻي اسپتال کي جديد بڻائي سڀ سهولتون هڪ ئي جاءِ تي فراهم ڪيون وڃن، جتي ايمرجنسي، گائني، ڪارڊيو، ٻارن جو اسپتال، سرجري ۽ ٻين سڀني سهولتن جي سڌي رسائي ممڪن هجي


