Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي شگر ملز مالڪن ۽ ڏيساور کنڊ موڪليندڙن جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪري ورتو

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي شگر ملز مالڪن ۽ ڏيساور کنڊ موڪليندڙن جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪري ورتو، پي اي سي چيئرمين جنيد اڪبر جي صدارت هيٺ اجلاس، کنڊ جي بحران تي بحث، ملڪ ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ تي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي پاران ڳڻتي جو اظهار، سيڪريٽري فوڊ اينڊ ريسرچ کي غلط انگ اکر پيش ڪرڻ تي ڇنڊ، سيڪريٽري شگر ملز مالڪن جا نالا ڪميٽي کي فراهم ڪرڻ کان لنوائيندو رهيو، ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ کنڊ جي قيمت 210 رپيا ۽ سموري ملڪ ۾ سراسري قيمت 173 رپيا في ڪلو آهي

Related posts

Leave the first comment