بهترين ٽيم ڀارت خلاف ميدان تي لاٿي، ڪو رانديگر بنا ڪارڪردگي ناهي آيو: عاقب جاويد

راولپنڊي (اسپورٽس ڊيسڪ) ملڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ عاقب جاويد چيو آهي ته ڪوبه رانديگر ٽيم ۾ ڪارڪردگي بنا ناهي آيو.

ايئن نٿو ٿي سگهي ته جيڪي هارائي ويا، انهن کي ڪڍي انڊر 19 ٽيم کڻي اچون. پاڪستاني ڪرڪيٽ ۾ تبديلي اڻٽر آهي.

ڀارت خلاف کيڏڻ لاءِ تجربو گھربل هوندو آهي، ڀارت هٿان شڪست تي رانديگرن کي افسوس آهي، ڪجهه رانديگر ميچ لاءِ ضروري هوندا آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ هيڊ ڪوچ جو چوڻ هو ته بابراعظم جي متبادل طور اسان وٽ ڪهڙو آپشن آهي؟

ڀارت خلاف 280 يا300 رنز جو هدف ڏنو وڃي ها ته فائدو ٿئي ها، اسان جي اها ئي بهترين ٽيم هئي جيڪا ميدان تي لاٿي وئي.

Related posts

Leave the first comment