حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پختونخواهه ملي عوامي پارٽي سربراهه محمود خان اچڪزئي جي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سان ملاقات.
سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ ۾ هلندڙ جدوجهد توڙي حڪومت مخالف اتحاد بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
ڊاڪٽر قادر مگسي جو چوڻ آهي ته ڪئنالن خلاف سموري سنڌ سراپا احتجاج آهي.
ملڪ جون ٻيون قومون به سمجهن ته سنڌو درياهه جي تباهي رڳو سنڌي ماڻهن جو نقصان ناهي پر هي درياهه سموري ملڪ جي ماڻھن جي جياپي جو ڪارڻ آهي.



