سنڌ سرڪار پاران هفتي اندر ايم وي آءِ سينٽرز فعال ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار پاران هفتي اندر ايم وي آءِ سينٽرز فعال ڪرڻ جو فيصلو.

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اجلاس جي صدارت دوران ٽرانسپورٽ کاتي کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا.

سکر رستي سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ سمورن گاڏين جي ايم وي آءِ لازمي ڪرڻ جي هدايت.

شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته روڊ سيفٽي جي قانون تي عمل يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ هفتي اندر ايم وي آءِ سينٽرز کي فعال ڪيو وڃي.

ڪراچيءَ جي روڊن تي هلندڙ سمورين گاڏين جي فٽنيس يقيني بڻائڻ لاءِ فيصلائتا قدم کنيا پيا وڃن.

Related posts

Leave the first comment