Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

سنڌ ۾ ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿي رهيو آهي، في الحال خطري جي ڪا ڳالهه ناهي

سنڌ ۾ ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿي رهيو آهي، في الحال خطري جي ڪا ڳالهه ناهي، سنڌ سرڪار امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، هن وقت گڊو بئراج وٽان 3 لک کان وڌيڪ ۽ سکر بئراج مان 2 لک 12 هزار ڪيوسڪ پاڻي گذري رهيو آهي، ڪوٽڙي بئراج مان به 2 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي سمنڊ ڏانهن ڇوڙ ٿي رهيو آهي، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي پريس ڪانفرنس، سندس چوڻ آهي ته  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سمورن صوبائي وزيرن ۽ چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي آهي ته پنهنجن تڪن ۾ موجود رهن، پاڻي جا قدرتي لنگهه ورھاڱي کان اڳ ڏسو ۽ پوءِ ته ان ۾ وڏو فرق آھي پر ھن وقت ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي ضرورت آھي، ڊيمن تي ٽي صوبا ٺهراءَ منظور ڪري چڪا آھن، جيڪڏهن ڊيم ھجن ھا تڏهن به هن ٻوڏ ۾ ڪم نه اچن ھا، جماعت اسلامي تنقيد کان سواءِ ڪو ڪم ئي ناهي ڪيو

Related posts

Leave the first comment