ڪراچي ۾ سرڪاري ملازم تي تشدد جي ڪيس ۾ چنيسر ٽائون جي چيئرمين فرحان غني جي جسماني رمانڊ ۾ ٽن ڏينهن جي واڌ، پوليس فرحان غني ۽ ٻين جوابدارن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو، پراسڪيوشن طرفان جوابدارن جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي استدعا، ڪيترن ماڻهن جا 161 جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن، وڌيڪ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي: عدالت جو پڇاڻو، ٻن ماڻهن جا 161 جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن، فريادي اڃا شاهد پيش ناهن ڪيا: جاچ آفيسر، ڪٿي آهن سي آءِ اي، ايس آءِ يو سڀ مري ويا آهن؟ اوهان کي رڳو عام ماڻهو کي تنگ ڪرڻ اچي ٿو، فريادي شاهد پيش نه پيو ڪري ته ڇا تون ان جو ملازم آهين؟ عدالت جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ ٽن ڏينهن جي واڌ ڪندي جوابدارن کي 30 آگسٽ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو


