اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران تڪراري پيڪا ايڪٽ خلاف درخواستن تي نوٽيس جاري.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، قانون، اطلاعات، آءِ ٽي ۽ گهرو وزارت کي نوٽيس جاري ڪيا.
ايف آءِ اي ۽ پيمرا کي به نوٽيس جاري ڪندي 2 هفتن اندر جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو، اٽارني جنرل کي مدد لاءِ نوٽيس پڻ جاري.


