ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ تي اعتراض واري واپس اماڻي ڇڏي

ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ تي اعتراض واري واپس اماڻي ڇڏي، گورنر چيو آهي ته جيستائين علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ منظور نٿي ٿئي، وڏي وزير جي چونڊ غير آئيني تصور ڪئي ويندي، گورنر ڪي پي طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي نالي سان ٻه تڪراري استعيفائون مليون آهن، ٻنهي استعيفائن جي صحيح ۾ فرق آهي، استعيفائن جي تصديق لاءِ وڏي وزير کي 15 آڪٽوبر تي گورنر هائوس اچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، وڏي وزير علي امين گنڊاپور ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته هن ٻئي استعيفائون 8 ۽ 11 آڪٽوبر تي پنهنجي صحيح سان جمع ڪرايون هيون، 8 آڪٽوبر جي استعيفيٰ پهريان رد ڪئي وئي، هاڻ ان کي تسليم ڪيو ويو آهي۔

Related posts

Leave the first comment