پاڪستان ڀارتي اڳرائي جي جوابي ڪارروائي ۾ سرسي حاصل ڪري ورتي: خواجه آصف

پاڪستان ڀارت جا جنگي جهاز ڪيرايا، ڪنهن شهري کي ٽارگيٽ نه بڻايو: عطا تارڙ

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي اڳرائي جي جوابي ڪارروائي ۾ سرسي حاصل ڪري ورتي.

پاڪ فضائيه ڀارتي اڳراين جو ڀرپور جواب ڏيندي هندستان جا 5 جنگي جهاز ڪيرائي تباهه ڪري ڇڏيا آهن.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ڀارت پلاند وٺڻ آيو ۽ ڀڄي ويو، هندستان اڇو جهنڊو ڦڙڪائي پنهنجي شڪست مڃي ورتي آهي.

اڇو جهنڊو ڦڙڪائڻ ڀارتي ميڊيا جي به شڪست آهي، ڀارتي فوج شهري علائقن ۽ عبادتگاهن کي نشانو بڻايو. عطا تارڙ چيو ته پاڪستان ڀارت جا جنگي جهاز ڪيرايا، ڪنهن شهري کي ٽارگيٽ نه بڻايو، ڀارت وٽ پهلگام واقعي ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جا ڪي ثبوت ناهن.

Related posts

Leave the first comment