سنڌوءَ تي غير قانوني ڪينال ٺاهڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه تي غير قانوني ڪينال ٺاهڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، سياسي سماجي ۽ قومپرست تنظيمن پاران احتجاج ڪيو ويو.

ملير، رتوديرو، اوٻاوڙو، قاضي احمد، پڊعيدن ۾ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻي وفاقي حڪومت ۽ پنجاب خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي.

مديجي، مانجهند، ميرپور بٺورو،نصير آباد ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاج ڪيو ويو.

اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جو جياپو آهي جنهن تي ڪينال ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا.

اڳواڻن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌو درياهه تي نوان ڪينال ٺاهڻ وارو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي.

Related posts

Leave the first comment