سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

سڪرنڊ: تشدد ۾ فوت ٿيل نوجوان جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 3 اهلڪار عدالت ۾ پيش

سڪرنڊ (ويب ڊيسڪ) سڪرنڊ ۾ پوليس جي تشدد ۾ فوت ٿيل نوجوان جي قتل ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪار عدالت ۾ پيش، ڪيس ايف آءِ اي حوالي.

پوليس محمد نواز زرداري جي ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي ايس ايڇ او محمد مٺل ککراڻي، وڏي منشي محمد عارف کوسو ۽ محمد محسن بلوچ کي عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت جوابدارن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس فريادي جي درخواست تي ايف آءِ اي منتقل ڪري ڇڏيو.

Related posts

Leave the first comment